احفاظ الرحمان

احفاظ الرحمان: احفاظ الرحمان اردو ۽ انگريزي زبان جو صحافي ۽ ترقي پسند شاعر ۽ ٽريڊ يونينسٽ آهي، هن صحافتي دنيا ۾ سدائين صحافت جي آزادي ۽ صحافين جي حقن لاءِ جدوجهد ڪئي، هو 4 اپريل 1942ع تي جبلپور شهر ۾ ڄائو، پاڪستان ٺهڻ بعد سندس خاندان لڏي اچي ڪراچي آباد ٿيو. سٺ واري ڏهاڪي ۾ کاٻي ڌر سان واسطو رکندڙ شاگرد جماعت نيشنل اسٽوڊنٽس فيڊريشن سان وابسته رهيو ۽ 1962ع ۽ 1964ع واري شاگرد تحريڪن ۾ ڀرپور حصو ورتائين. هن صحافت شروع ڪئي ته کيس پرڏيهي ٻولين جي صحافتي اداري بيجنگ چين ۾ نوڪري ملي. هن چين ۾ ثقافتي انقلاب پنهنجي اکين سان ڏٺو، 1972ع ۾ ڪيترائي چيني ڪتاب ۽ مائوزي تنگ جون لکڻيون اردو ۾ ترجمو ڪيون. 1972ع ۾ وطن موٽيو ته هن پيپلز پارٽيءَ جي ترجمان اخبار ”مساوات“ ۾ سينيئر عهدي تي ڪم ڪيو. 1978ع ۾ جنرل ضياءُ الحق خلاف صحافين جي تاريخي تحريڪ (78-1977ع) ۾ هن ڀرپور ڪردار ادا ڪيو ۽ صحافين ۽ اخباري ڪارڪنن جي گڏيل ڪميٽي جو جنرل سيڪريٽري چونڊيو. صحافين واري تحريڪ جي ٽنهي مرحلن ۾ اڳيان رهيو. جيئن تحريڪ ختم ٿي ته وڏين اخبارن کيس بليڪ لسٽ ڪري نوڪري ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. ڊگهي عرصي کان پوءِ 1993ع ۾ جنگ اخبار جي ميگزين ۾ نوڪري مليس. کيس 2002ع ۾ پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽس جو صدر چونڊيو ويو. هن صحافين کي ويج بورڊ مطابق پگهارون ۽ سهولتون ڏيڻ لاءِ جدوجهد ڪئي. احفاظ ايڪسپريس اخبار ۽ ٽي ويءَ ۾ نوڪري ڪري رهيو آهي. هن جا ڪتاب ”جنگ جاري رهي“، ”نئين الف ليليٰ“ تاريخ چين ’چوُ اين لائي‘ جي سوانح عمري 2008ع ۾ شايع ٿيا.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1942.04.04  عيسوي

احفاظ الرحمان: هو 4 اپريل 1942ع تي جبلپور شهر ۾ ڄائو ،


1964.00.00  عيسوي

احفاظ الرحمان: سٺ واري ڏهاڪي ۾ کاٻي ڌر سان واسطو رکندڙ شاگرد جماعت نيشنل اسٽوڊنٽس فيڊريشن سان وابسته رهيو ۽ 1962ع ۽ 1964ع واري شاگرد تحريڪن ۾ ڀرپور حصو ورتائين .


1978.00.00  عيسوي

. 1978ع ۾ جنرل ضياءُ الحق خلاف صحافين جي تاريخي تحريڪ ( 78-1977ع ) ۾ هن ڀرپور ڪردار ادا ڪيو ۽ صحافين ۽ اخباري ڪارڪنن جي گڏيل ڪميٽي جو جنرل سيڪريٽري چونڊيو .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

دلو راءِ
عثمان عباسي مخدوم
سعدالله شيخ
عبدالقادر عرف قادري کيڙو ڊاڪٽر
ڄام ڏيسر-I
سترامداس ڪولهي پٽيل
فتح علي جتوئي
جاجگا اٽيفيٽي
ساقي هالائي
داغ دهلوي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون